گهاٽي ۾ هلندڙ ادارا ٻوجهه قرار: 30 جون تائين مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي: اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ پاران هلندڙ مالي سال دوران ( 30 جون تائين ) مهانگائي گھٽ ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، گذريل مالي سال ۾ ملڪي معيشت کي ڪيترن ئي چيلنجن کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن سبب مهانگائي وڌي وئي ۽ مالياتي عدم توازن وسيع ٿيو پر هن سال مهانگائي گهٽ ٿيندي. ان حوالي سان ڪالهه اسٽيٽ بينڪ جي اختيارين پاران 23-2022ع جي ملڪي معاشي ڪارڪردگي جي سالياني رپورٽ جاري ڪئي وئي

انهي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته روس ۽ يوڪرين تڪرار سبب مالي سال 2022ع ۾ معيشت کي مختلف چيلنجز کي منهن ڏيڻو پيو. ٻئي طرف ٻوڏ سبب معاشي سرگرميون متاثر ٿيون، مالياتي عدم توازن وڌي ويو ۽ سراسري مهانگائي ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

رپورٽ موجب  ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي پر پرڏيهي ناڻي جي آمد ۾ گهٽتائي سبب اسٽيٽ بينڪ جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽجي ويا آهن. رپورٽ موجب مالي سال 2022-23 جي آخر ۾ معيشت بهتر ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن

رپورٽ موجب  آءِ ايم ايف کان 3 ارب ڊالرن جي مدد ملڻ سان  ٻاهرين شعبي جي خطرن کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي. اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته مختلف سرڪاري ادارا مالي وسيلن تي بار آهي، اسان ترقياتي خرچن جو دائرو گهٽائي ڇڏيو آهي، زرعي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي ته جيئن درآمد گهٽائي قيمتن کي مستحڪم ڪيو وڃي

رپورٽ موجب ڪپهه ۽ چانورن جي پيداوار سان زرعي ترقي کي هٿي ڏيندي. اسٽيٽ بينڪ اختيارين پاران اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته حقيقي جي ڊي پي 2-3 سيڪڙو جي وچ ۾ هوندي، جڏهن ته اهم فصلن جي وڌندڙ پيداوار سبب ناڻي واڌ 20-22 سيڪڙو رهندي. مرڪزي بينڪ جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال 24 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي 0.5 کان 1.5 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي

سالياني رپورٽ موجب مالي سال 2024ع ۾ امپورٽ 52 ارب ڊالر ۽ ايڪسپورٽ 29 ارب ڊالرز رهڻ جا امڪان آهي، جڏهن ته مالياتي خسارو جي ڊي پي جو 7 کان 8 سيڪڙو هجڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ موجب هلندڙ مالي سال دوران اوورسيز پاڪستانين پاران 26 ارب ڊالر  پرڏيهي ناڻو موڪلڻ جا امڪان آهن

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔