پي ٽي آءِ ميمبرن کي آزاد قرار ڏيڻ خلاف گنڊاپور جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب

پشاور: پي ٽي آءِ ميمبرن کي آزاد قرار ڏيڻ خلاف علي امين گنڊاپور جي درخواست تي عدالت اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو.

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور طرفان پي ٽي آءِ ميمبرن کي آزاد قرار ڏيڻ ۽ مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان حلف وٺڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سيد ارشد علي ۽ جسٽس فرخ جمشيد ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر کان مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان حلف وٺڻ جو شيڊول طلب ڪري ورتو. ايڊووڪيٽ جنرل شاهه فيصل اتمانخيل عدالت کي ٻڌايو ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ ميمبرن کي آزاد قرار ڏيڻ جي خلاف درخواست داخل ڪئي آهي. مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان گورنر هائوس ۾ حلف کي به چيلينج ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته حلف  جي حوالي سان جيڪي درخواستون آهن اهي ٻڌڻ جوڳيون نه آهن. جسٽس سيد ارشد علي ريمارڪس ڏنا ته اوهان انهي حوالي سان جواب جمع ڪرايو ته اهي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون نه آهن. ايڊووڪيٽ جنرل اوهان کي حلف تي اعتراض آهي ته اسپيڪر صوبائي اسيمبلي ڪڏهن انهن کان حلف وٺي رهيو آهي؟ اوهان اسپيڪر کان شيڊول وٺي اچو ته ڪڏهن اهي ميمبرن کان حلف وٺندا؟

ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته  منهنجي استدعا آهي ته وڏي وزير طرفان پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن کي آزاد قرار ڏيڻ جي خلاف جيڪا درخواست آهي  انهي تي پهريان فيصلو ٿئي، اهڙين سمورين درخواستن کي گڏ ٻڌو وڃي. جنهن تي جسٽس سيد ارشد علي ريمارڪس ڏنا ته انهي کي اسان ڏسنداسين ته انهي کي گڏ ٻڌڻو آهي يا نه، انهي ۾ اٽارني جنرل کي به نوٽيس جاري ٿيو آهي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل ثناءُالله انهي موقعي تي عدالت کي ٻڌايو ته اٽارني جنرل کان اجازت وٺي عدالت کي آگاهه ڪندس، عدالت ريمارڪس ڏنا ته اوهان اٽارني جنرل کان اجازت وٺو ته هن ڪيس ۾ دليل ڏيندو. جنهن کان پوءِ عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي ته اوهان اسپيڪر کان شيڊول وٺي اچو ته اهو ڪڏهن مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان حلف وٺندو جنهن کان پوءِ عدالت اليڪشن ڪميشن کان به  جواب طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔