اسلام آباد: پاڪستان جي پارلياماني نظام ۾ سڀني کان وڏو عهدو وزيراعظم جو هجڻ جي باوجود انهي جي پگهار ماتحت وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن جي مقابلي ۾ اڌ کان به گهٽ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي پگهار جي مقابلي ۾ وزيراعظم جي عهدي جي پگهار نه هجڻ جي برابر آهي. هن وقت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي پگهار 13 لک روپيه جڏهن ته پارليامينٽ ميمبرن جي پگهار تازو اضافي کان پوءِ 5 لک 19 هزار روپيه ٿي وئي آهي.
انهي جي مقابلي ۾ پاڪستان جي وزيراعظم جي عهدي جي پگهار تقريبن 2 لک روپيه بڻجي ٿي جڏهن ته وزيراعظم تاحيات سيڪيورٽي، ٽيڪسز ۾ ڇوٽ ۽ عهدو ڇڏڻ تي پينشن يا مالي فائدن جو به مستحق نه آهي. ذريعن ٻڌايو ته موجوده وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي عهدي جي پگهار به نه وٺي رهيو آهي.
تازو ئي سينيٽ ۾ ڪابينه ڊويزن طرفان پيش ڪيل وزيراعظم پاڪستان کي ملندڙ پگهار، الائونسز، مراعتون ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ جي سهولتن جي تفصيلن ۾ انڪشاف ٿيو. تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم پاڪستان جي عهدي جي بنيادي پگهار 107280 روپيه آهي جڏهن ته ٻين الائونس کي ملايو وڃي ته اها پگهار تقريبن 2 لک روپيه بڻجي ٿي.