يوم استحصال ڪشمير جا 6 سال مڪمل، سموري دنيا ڪشميري اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن

اسلام آباد: والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ناجائز قبضي کي 6 سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ يوم استحصال ملهائي رهيا آهن.

رپورٽ موجب ڀارت جي ناجائز قبضي کي 6 سال مڪمل ٿيڻ تي وادي ۾ اڄ حريت قيادت طرفان شٽرڊائون هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.  والاريل ڪشمير جي لاءِ ڀارتي آئين ۾ خصوصي شقون ختم ڪرڻ جي غيرآئيني ڀارتي قدمن کي اڄ 6 سال  گذري ويا، سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄوڪو ڏينهن يوم استحصال ڪشمير جي طور تي ملهائيندا آهن.

5 آگسٽ 2019 تي ڀارتي حڪومت آرٽيڪل 370 ۽ 35اي جو خاتمو ڪري رياست جمون، ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي تبديل ڪندي والاريل  وادي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو هو. ڀارتي سرڪاري جي 5 آگسٽ 2018 جي انهي غير آئيني ۽ ظالماڻي قدم تي سموري دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري سراپا احتجاج بڻيل آهن. اڄ ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرف ۽ سموري دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ڀارت جي خلاف جلسا، جلوس ۽ ريليون ڪڍي ڀارتي قدمن جي مذمت ڪندا آهن.

 6 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به ڪشميري عوام انهي فيصلي کي ناهي مڃيو، سموري دنيا ۾ اڄوڪي ڏينهن احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا آهن ۽ ڀارت جي مڪروهه چهري کي سموري دنيا جي سامهون بي نقاب ڪيو ويندو آهي. ڪشميري عوام جو چوڻ آهي ته والاريل ڪشمير جي مڪمل آزادي تائين اسان پنهنجي آزادي جي جدوجهد جاري رکنداسين.

ٻئي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس اڄ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪندي چيو ته ڪارو ڏينهن ملهائڻ سان  سموري دنيا کي پيغام ڏنو ويندو ته ڀارت ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪري رکيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔