قومي اسيمبلي ۾ يوم استحصال ڪشمير بابت قرارداد منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي يوم استحصال ڪشمير تي قرارداد منظور ڪري ورتي آهي. ڪشمير جي معاملن واري وزير امير مقام يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سان قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڀارت جي 5 آگسٽ 2019 جي قدمن جي مذمت ڪري ٿو.

قرارداد موجب هي ايوان ڀارتي قدمن کي جنيوا ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ٿو ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي پرزور مذمت ڪري ٿو. هي ايوان آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان بابت بيانن جي به مذمت ڪري ٿو. هي ايوان گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ۽ مبصرين کي والاريل ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪري ٿو.

اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر شيخ وقاص اڪرم جي 40 ڏينهن کان وڌيڪ ايوان مان غائب رهڻ تي اسپيڪر نوٽيس ورتو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته شيخ وقاص اڪرم جي مسلسل ايوان مان غير حاضر رهڻ تي ايوان کي ٻڌائڻ ضروري آهي، جيڪو ميمبر بنا ٻڌائڻ جي ايوان مان غائب رهندو انهي جي سيٽ ڪنهن ميمبر جي نشاندهي تي خالي قرار ڏئي سگهجي ٿي.

اياز صادق چيو ته قومي اسيمبلي ميمبر 40 ڏينهن تائين غير حاضر هجي ته ايوان جي اسپيڪر کي نوٽيس ۾ آڻڻ ضروري آهي، آرٽيڪل 64 جي تحت اهڙي ميمبر جي سيٽ کي خالي قرار ڏئي سگهي ٿو. سيده نوشين افتخار آرٽيڪل 64 جي شق 2 جي تحت شيخ وقاص اڪرم جي رڪنيت ختم ڪرڻ جي تحريڪ ايوان ۾ پيش ڪئي. ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته اوهان جي درخواست کي رولز موجب ڏسنداسين.  

پي ٽي آءِ ميمبر عامر ڊوگر چيو ته اوهان اسان جي ميمبرن کي 10-10 سزا ڏئي ڇڏي، جيڪڏهن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو ته اهو ڪٿان جو ايوان رهجي ويو، 10 ميمبر هن ايوان مان کنيا ويا اوهان ڪوبه ايڪشن نه ورتو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو اوهان اهو ٻڌايو ته مون پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيو يا نه.

عامر ڊوگر چيو ته شيخ وقاص اڪرم جون درخواستون اوهان جي آفيس ۾ پهچي چڪيون آهن. اوهان ايم اين ايز کي سياسي انتقام جو نشانو بنايو، پي ٽي آءِ باني جهڪيو نه انهي جي لاءِ جيل ۾ آهي. جهڪي وڃي ها ته هن ايوان ۾ هجي ها، جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ڪرڻو آهي ته پوءِ ايوان کي تالا لڳائي ڇڏيو.

پارلياماني معاملن واري وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اعتراض جي نڪتي تي چيو ته اڄ يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي اوهان يوم استحصال عمران ملهائي رهيو آهيو اهو يوم استحصال عمران ڪنهن ٻئي ڏينهن به ملهائي سگهو ٿا، اپوزيشن کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏيڻ تي اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪشمير معاملن وارو وزير ڪشمير جي مسئلي تي قرارداد ٻڌي وڃي. امير مقام چيو ته منهنجي درخواست آهي ته يوم استحصال ڪشمير تي قرارداد منظور ڪرڻ ڏيو پوءِ احتجاج ڪري وٺجو، جنهن تي اپوزيشن ڪشمير تي قرارداد جي لاءِ احتجاج روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.

اپوزيشن ميمبرن جي گوڙ جي باوجود وفاقي وزير انجنيئر امير مقام خطاب ڪندي چيو ته ڀارت مسلسل ڪشميري عوام تي ظلم ڪري رهيو آهي، ڀارت غيرانوني طور تي آرٽيڪلز 370 ۽ 35 اي کي هڪ طرفي طور تي ختم ڪري ڇڏيو. انجنيئر امير مقام چيو ته ڀارت هزارين نوجوانن کي شهيد ڪيو، ٻارن کي يتيم ڪيو ۽ عورتن کي بيوه بنايو، اهڙن ظلمن جي باوجود ڪشميرين جي دلين مان پاڪستان جي محبت گهٽ ناهي ٿي سگهي.

اجلاس کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته اوهان هڪ ميمبر جو انهي لاءِ اماڻڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ته انهي آئين جي پاسداري ناهي ڪئي، اوهان ڪسٽوڊين آف هائوس جي حيثيت وڃائي چڪا آهيون ڇو ته اوهان جي موجودگي ۾ اوهان جي ميمبرن کي هتان کان ڌڪي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ اوهان اڃان تائين انهي تي ڪجهه به ناهي ڪيو. هن چيو ته ٻن سالن کان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر 2 کان 3 ڪلاڪ انتظار ڪندا آهن. سپرنٽينڊنٽ جيل انهن کي ملاقات کي اجازت نٿو ڏئي، اوهان ڪسٽوڊين آف هائوس هجڻ چاهيو ٿا ته هن ايوان جي ڪميٽي ٺاهي وڃي نه اوهان ڪجهه ڪريو ٿا نه ئي سينيٽ چيئرمين ڪجهه ڪري ٿو.

محمود خان اچڪزئي چيو ته 20 گريڊ جي سپرنٽينڊنٽ کي نوڪري مان ڪڍڻ گهرجي، آئين جي ڌڄيون اڏايون پيون وڃن، انهي جو پيپلز پارٽي ساٿ ڏئي رهي آهي، اسان جي فوج، شهباز ۽ نواز سان ڪابه دشمني ناهي پر پي ٽي آءِ باني هڪ وقت ملڪ جو مشهور اڳواڻ آهي، اوهان کي اسٽينڊ وٺڻ گهرجي ها ته منهنجي ميمبرن جي اهڙي حالت ڇو ڪئي وئي.

هن چيو ته هتي نيتن ياهو جي خلاف قراداد پاس ٿيڻ گهرجي، نيتن ياهو کي عالمي انصاف جي عدالت ۾ وٺي وڃڻ گهرجي، اچو اسان سڀ توبهه ڪريون ۽ هڪ ٻئي کي معاف ڪريون، هڪ نئين سياست جي شروعات ڪريو جنهن ۾ فيصلا هي ايوان ڪري. محمود خان اچڪزئي چيو ته سمورن صوبن کي پنهنجي وسيلن جا حق ڏيو، جهڙي طريقي سان اوهان باجوڙ تي هلائن ڪئي آهي انهي سان خانگ جنگي ٿيندي ۽ جيڪڏهن خانگ جنگي ٿي ته شهباز شريف جي حڪومت ذميوار هوندي.

اسپيڪر اياز صادق چيوته اوهان سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ سڀني کي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، اوهان مون تي ميڊيا ۾ حملا ڪيا، پر مان انهي تي جواب نه ڏيندس، اوهان سڀني کي ڳالهين جي لاءِ رستو ڪڍڻو پوندو.

وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اڄ اوهان چئي رهيا آهيو ته حڪومت صحيح ناهي، اپريل 2022 ۾ هڪ قرارداد آئي هئي ڏيڍ منٽ ۾ اها قرارداد رد ڪئي وئي پوءِ اسيمبلي ٽوڙي وئي، اوهان کي تحريڪ عدم اعتماد مان جان ڇڏائڻي هئي.

اعظم نذير تارڙ چيو ته 26هين ترميم جهڙي شڪل ۾ ٿي، ڇا گناهه ڪيو آهي؟ ايوان انهي کي اڪثريت سان منظور ڪيو آهي. سموري دنيا ۾ ججز جي مقرري اهڙي طرح ٿيندي آهي، 10-10 سال فوجداري ڪيسز جا فيصلا نٿا ٿين پر  اوهان سمجهون ٿا ته انهي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي ته اچو گڏجي ويهي ڳالهيون ڪريون.

لطيف کوسه چيو ته قانون واري وزير خوشي جوڳي تجويز ڏني آهي پر پهريان ته ٻن ڏينهن جي واقعن تي ڳالهيون ڪريو، اسان جون مخصوص سيٽون جهڙي طرح ورهايون ويون، اوهان کي حلف نه وٺڻ گهرجي ها، اسپيڪر جو ڪم آئين جي بالادستي تي عمل آهي، اسان جا ميمبر هتي نه پيا اچن. هن چيو ته پاڪستان جو  وجود ڪشمير کان سواءِ اڻ مڪمل آهي ۽ ڪشمير مسئلي تي سڀئي گڏ آهيون ڪاش اسان پنهنجي ملڪ کي به آزادي ڏياري سگهون، ڪاش اسان چئي سگهون ته اسان جي مائرن ۽ ڀينرن جون عزتون محفوظ آهن.

اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو ته ڪشمير جي حوالي سان پيپلز پارٽي جو موقف ڪنهن کان لڪل ناهي، آصف علي زرداري ذميوارانه سياست نه ڪري ها ته شايد اڄ هي ايوان نه هجي ها.

ايران ۽ عراق جي زائرين بابت دفاع واري وزير خواجه آصف بيان ڏنو ته حڪومت باءِ روڊ سفر تي پابندي لڳائي آهي پر بائي ايئر سهولت ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان ايراني حڪومت کي اجازت ڏني آهي ته ڪوئٽه کان فلائٽس هلايو، هن وقت تائين انهن هڪ فلائيٽ هلائي آهي، اسان اشتهار ڏنو آهي ته ڪوبه پرائيويٽ جهاز هلائڻ چاهيو ٿا ته انهن جي به اجازت ڏني آهي. دفاع واري وزير چيو ته ماڻهن کي سهولت ڏيڻ جي اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.

ياد رهي ته تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو هو، پي ٽي آءِ موجب 2 ڪلاڪ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير کان پوءِ اڊيالا جيل وينداسين. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق نئين چونڊيل  اسيمبلي ميمبرن ثمر هارون بلور ۽ سعيده جمشيد کان حلف ورتو. ٻنهي ميمبرن جو تعلق مسلم ليگ(ن) سان آهي. ثمر هارون بلور ۽ سعيده جمشيد مخصوص سيٽن تي چونڊجي آيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔