خيبرپختونخواهه: لکي مروت ۾ مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب 5 ٻار فوت، عورت سميت 13 ڄڻا زخمي

پشاور: خيبرپختونخواهه جي ضلعي لکي مروت ۾ مارٽر گولو ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 5 ٻار فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته عورت سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽ موجب لکي مروت جي صدر ٿاڻي جي حد ۾ مارٽر گولو ڦاٽڻ سبب 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا جڏهن ته عورت سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ  آهي ته ٻارن کي ٻاهر کان ماٽر گولو مليو هو جنهن کي گهر کڻي آيا ٻارن طرفان مارٽر گولي سان کيڏڻ جي دوران گولو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو

پوليس موجب سٽي اسپتال ۾ هينئر تائين 2 ٻارن جا لاش ۽ 4 زخمين کي منتقل ڪيو ويو آهي. ريسڪيو موجب سٽي اسپتال ۾ منتقل ڪيل زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به خيبرپختونخواهه جي ضلعي باجوڙ ۾ هڪ مارٽر شيل گهر تي ڪرڻ سبب خاندان جا 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔