خيبرپختونخواهه ۾ هلندڙ سال جي 7 مهينن دوران دهشتگردي جا 476 واقعا رپورٽ

پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ هلندڙ سال جي پهرين 7 مهينن دوران دهشتگردي جا 476 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. پوليس دستاويزن موجب اتر وزيرستان ۾ سڀني کان وڌيڪ 77، بنون ۾ 74 واقعا ٿيا، لکي مروت ۾ 48، ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جا 44 واقعا پيش آيا.

رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ سڀني کان وڌيڪ 121 عام شهري شهيد ۽ 301 زخمي ٿيا آهن.. 7 مهينن جي دوران صوبي ۾ 66 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 90 زخمي ٿيا، دهشتگردي جي واقعن ۾ 10 حاصه دار به شهيد، 8 زخمي ٿيا آهن، ايف سي جا 48 شهيد، 109 زخمي آهن. فورسز جا 55 شهيد 112 زخمي آهن.

رپورٽ موجب هلندڙ سال  سڀني کان وڌيڪ بنون ۾ 15 پوليس اهلڪار شهيد، 16 زخمي ٿيا، لکي مروت ۾ 9، ڏکڻ وزيرستان ۽ پشاور ۾ 6-6 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا.

آءِ جي خيبرپختونخواهه ذوالفقار حميد نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته ضلعي ۾ دهشتگردي  کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پوليس کي جديد هٿيار ڏنا ويا آهن، پوليس چوڪين ۽ ٿاڻن کي به مضبوط بنائڻ جو ڪم جاري آهي، جلد واضح فرق نظر اچي ويندو. سينٽرل پوليس آفيس موجب خيبرپختونخواهه ۾ هينئر تائين 2289 پوليس اهلڪار ۽  آفيسر شهيد ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔