بيضن جي عالمي ڏهاڙي تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ سيمينار ٿيندو

ڪراچي:جمعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بيضن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو .هي قديم دور  کان انسان جي مرغوب غذا آهي، هن جي غذائيت ۽ لذت جي ڪري هر عمر جا ماڻهو هن کي کائڻ پسند ڪندا آهن.

سردي هجي يا گرمي ، بيضو هر موسم ۾ صحت جو خزانو سمجهو ويندو آهي .بيضو پروٽين حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو سمجهو ويندو آهي .هي نه رڳو جسماني ۽ ذهني نشو نما لاءِ ضروري آهي پر بيمارين کان بچاءَ لاءِ  اهم ڪردار ادا ڪندو آهي .

ٻار هجن يا وڏا ، عورتون هجن يا نوجوان سڀ مزي سان بيضا کائڻ پسند ڪندا آهن ۽ پهلواني جا شوقين ته بيضو ڪچو به پيئندا آهن.

بيضي جي افاديت ۽ ضرورت کي نظر ۾ رکندي شهرين ۾ ان جي آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ 1996 ع ۾ انٽرنيشنل ايگ ڪميشن آف ويانا تحت هر سال آڪٽوبر جي ٻئي جمعي تي بيضن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، تڏهن کان هي ڏينهن هر سال باقاعدگي سان ملهايو ويندو آهي .

ڪراچي يونيورسٽي جي ڊيپارٽمينٽ فزيولاجي بي ايس پولٽري سائينس تحت بيضن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان وڏو ايونٽ ڪرايو پيو وڃي . ان موقعي تي سيمينار اوهان جي علم ۾ اضافي لاءِ بيضن جي اقتصادي ۽ غذائي قدرن جي موضوع تي منعقد ڪيو ويندو .هن پروگرام ۾ بيضي سان ٺاهيل کاڌن، بيضي سان تيار پينٽنگ ، بيضن بابت پوسٽر جا مقابلا به ڪرايا ويندا .جنهن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي گولڊن ايگ ايوارڊ ۽ روڪ انعام به ڏنا ويندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔