سڄي سنڌ ۾ پي ايس ٽي ۽ جَي ايس ٽي اميدوارن کي 33 سيڪڙو مارڪس تي پاس قرار ڏنو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته سڄي سنڌ ۾ پي ايس ٽي ۽ جَي ايس ٽي اميدوارن کي 33 سيڪڙو مارڪس تي پاس قرار ڏنو وڃي

سنڌ هاءِ ڪورٽ 33 مارڪس کڻندڙ اميدوارن جي درخواست تي تعليم کاتي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 33 مارڪون حاصل ڪندڙ وڌيڪ اميدوارن ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

درخواست گذارن جي وڪيل سجاد چانڊيو عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته اڳوڻي حڪومت ۾ هارڊ ايرياز جي نالي تي من پسند ماڻهن کي 33 مارڪن تي پاس ڪيو ويو، اسان چاهيون ٿا ته سموري سنڌ ۾ ڀرتين جو هڪ ئي قانون هجي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تعليم واري اڳوڻي وزير سردار شاهه ٿرپارڪر جي علائقي مان 33 مارڪس کڻندڙ من پسند اميدوارن کي آفر آرڊرز ڏنا، عدالت ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔