ڪراچي ۾ گرمي جو زور،هيٽ ويو 8 مئي تائين هلڻ جو امڪان

ڪراچي: ڪراچي ۾ اڄ سخت گرمي جو زور رهيو ،موسميات کاتي  پارن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ گرمي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي .ڪراچي ۾ سڄو ڏينهن هيٽ ويو جو خطرو برقرار رهيو ، گرمي پد ڏينهن گذرڻ سان وڌندو رهيو . صبح ڏهين وڳي پارو 34 ڊگري تائين پهتو ٻن پهرن جو ٻارهين وڳي 38 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هڪ وڳي گرمي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو ۽ پارو 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي پهتو . منجهند جو ٻي وڳي کانپوءِ پارو گهٽجڻ لڳو ۽ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ لڳيون . هوا جي رفتار 5 ناٽ رهي ، ان دوران هوا ۾گهم جو تناسب 50سيڪڙو کان گهٽ رهيو. جنهن جي ڪري موسم گرم ۽ خشڪ رهي . موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين گرم موسم جي اڳڪٿي ڪئي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔