اسلام آباد: لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ 9 مئي سانحي بابت چالان جمع ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي.
9 مئي واقعن ۽ جناح هائوس حملي سميت 11 ڪيسن جو چالان لاهور جي دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو. پراسيڪيوشن طرفان 11 ڪيسن جو چالان جمع ڪرايو ويو جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، عمر سرفراز چيمه ۽ ميان محمودالرشيد کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي.
چالان ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد، خديجه شاهه، صنم جاويد سميت ٻين گرفتار ٿيل جوابدارن کي به ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي.
دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت ۾ جناح هائوس حملو ڪيس، عسڪري ٽاور حملو، شادمان ٿاڻي کي باهه ڏيڻ واري ڪيس جو چالان جمع ڪرايو ويو آهي. ٻئي طرف شير پائو پل تي ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ واري ڪيس جو چالان به جمع ڪرايو ويو آهي.
جسٽس مظاهر نقوي جي اسڪواڊ ۾ شامل گاڏي کي باهه ڏئي ساڙڻ جو چالان به عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.