ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي 2 روپيه 31 پئسا في يونٽ مهانگي

اسلام آباد: ڪي اليڪٽرڪ صارفين جي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 2 روپيه 31 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي.

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي ڪراچي جي صارفين لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ صارفين مٿان 4 ارب 30 ڪروڙ روپين جو اضافي بار پوندو

اختيارين موجب ڪراچي جي بجلي صارفين کي آگسٽ ۾ اضافي ادائيگيون ڪرڻيون پونديون. اهو اضافو جون جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي لائف لائين صارفين مٿان اهڙو اعلان لاڳو نه هوندو.

نيپرا اختيارين موجب ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي وسيلن سان 24 روپيه 30 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ڪئي. وفاق  کان ملندڙ بجلي جي لاڳت 11 وپيه 56 پئسا في يونٽ رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔