آمريڪي وزير جو بلاول سان فون تي رابطو

اسلام آباد: آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان فون تي رابطو ٿيو آهي
آمريڪي پرڏيهي وزير بلاول سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته اسان جمهوري ۽ خوشحال پاڪستان چاهيون ٿا
هن چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ڪاميابي امريڪا جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان سان تعميري ۽ جمهوري ڀائيواري جا خواهشمند آهيون
انٽوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته بلاول سان پاڪستاني معيشت جي بحالي، افغان صورتحال ۽ علائقائي توڙي گڏيل خدشن بابت ڳالهيون ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔