مدعي پنهنجي ڏنل بيان تان ڦري ويو، راڻا ثناءُالله دهشتگردي جي ڪيس مان بري

گوجرانوالا: گوجرانوالا جي دهشتگردي جي انت واري عدالت وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله کي دهشتگردي جي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.
اي ٽي سي عدالت ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله خلاف گجرات جي انڊسٽريل ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جنهن سلسلي ۾ راڻا ثناءُالله عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت جاري ڪيل نوٽيس ذريعي راڻا ثناءُالله کي اڄ طلب ڪيو هو
ٻڌڻي دوران مدعي پنهنجو بيان تبديل ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت راڻا ثناءُالله کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته راڻا ثناءُالله خلاف 25 آگسٽ 2022 تي شاهه ڪاز اسلم نالي شهري جي مدعيت ۾ دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ سندس مٿان چيف سيڪريٽري ۽ ان جي گهر ڀاتين کي جان کان مارڻ جي ڌمڪين جو الزام لڳايو ويو هو.
ٻڌڻي کان پوءِ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته مون سميت اسان جا سمورا اڳواڻ عدالتن ۾ پيش ٿيندا رهيا آهن. هتي اچڻ کان اڳ ڪنهن کي به نه ٻڌايو هو اسان نه عدالتن جا دروازا ڀڳا نه ججز کي ڪم کان روڪيو، هڪ عام ماڻهو جي حيثيت سان پيش ٿيس ۽ قانوني ڪارروائي کي منهن ڏنو.
راڻا ثناءُالله چيو ته اسان مٿن تي بالٽيون نه رکيون نه ئي اهڙي قسم جا ڊراما ڪيا. 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي آخري انجام تائين پهچايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔