پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو مڪمل طور ٽري ويو: شهباز شريف

ميانوالي: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو مڪمل طور ٽري ويو، آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري سان معيشت بهتري ڏانهن گامزن آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ميانوالي ۾ چشما پاور پلانٽ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته افواهه پکيڙيا ويا ته پاڪستان ڊفالٽ ڪندو، ملڪ کي ڊفالٽ ڪرڻ لاءِ مخالفن جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون.
چشما پاور پلانٽ چين جي پاڪستان تي اعتماد جي علامت آهي، منصوبي سان پاڪ_چين لاڳاپن کي هٿي ملندي، وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي ڪيمپس جي پيڙهه جو پٿر به رکيو ۽ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.
وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت ختم ٿيڻ ۾ باقي هڪ مهينو بچيو آهي، هنرمند ماڻهن کي پرڏيهه موڪلڻ سان تجارتي خسارو گهٽائي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔