26 ورهين بعد مُلڪي سطح تي پهرين سنڌي فلم ” ڀوپو“ ٺاهڻ جو اعلان

ڪراچي: پاڪستاني فلمساز ابو عليحه سنڌي ٻولي ۾ فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان کان اڳ آخري ڀيرو سال 1997ع  ۾ سنڌي ٻولي ۾ فلم رليز ڪئي وئي هئي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ٻڌايو ته ٿرپارڪر جي شهر عمر ڪوٽ سان واسطو رکندڙ ڳائڻي نرملا فلم لاءِ ٻه گيت رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن.

هڪ انٽرويوءَ دوران ابو عليحه ٻڌايو ته هو اڄڪلهه پنهنجي سنڌي فيچر فلم ” ڀوپو “ جي هدايتڪار ۾ مصروف آهي جنهن ڪهاڻي هن پاڻ لکي آهي.

ان ڏس ۾ سندس چوڻ هوته آخري سنڌي فيچر فلم 1997ع ۾ رليز ٿي هئي، ڇويهه ورهين ڊگهي عرصي بعد  سنڌيءَ ۾ فلم جي ڪهاڻي لکي آهي.

فلم جي ڪهاڻي بابت سندس چوڻ هوته فلم ٿرپارڪر ۽ راجسٿان جي قدم ڀوپن قبين تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سوين سال پراڻي وراثت آهي، اڪثر ڪاري جادوءَ جي حوالي سان ڄاتا وڃن ٿا.

هن چيو ته فلم کي حقيقي روپ وٺائڻ لاءِ هن سنڌي اداڪارن کي مک ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو آهي.

هن چيو ته فلم جي عڪسبندي سنڌي ٻولي ۾ ٿيندي جڏهن ته اردوءَ ٻولي ۾ ڊب ڪئي ويندي ۽ اِها بين القوامي سطح تي رليز ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔