جيل جو عملو سهولتون ڏئي تصويرون ڪڍڻ کان پوءِ سامان واپس کڻي ويندو آهي: پرويز الاهي

لاهور: تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي کي جيل ۾ بي ڪلاس جون سهولتون نه ڏيڻ خلاف درخواست تي عدالت آءِ جي جيل ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي اڱاري تي طلب ڪري ورتو. پرويز الاهي چيو ته عدالتي حڪم تي سهولتون ڏئي تصويرون ڪڍيون وينديون آهن جنهن کان پوءِ سامان واپس کنيو ويندو آهي.

رپورٽ موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس امجد رفيق پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي جيل ۾ بي ڪلاس جون سهولتون نه ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم تي پرويز الاهي کي جيل مان عدالت جي آڏو پيش ڪيو ويو

عدالت پرويز الاهي کان پڇيو ته پرويز الاهي صاحب ٻڌايو ڪڏهن کان جيل ۾ آهيو؟ جنهن تي پرويز الاهي عدالت کي ٻڌايو ته جيل ۾ پريشانين کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. جيل ۾ جتي مون کي رکيو ويو آهي اتي تمام گهڻا جيت ۽ ماڪوڙا هوندا آهن. مون کي جتي رکيو ويو آهي اتي ئي باٿ روم آهي. مون کي بي ڪلاس جي سهوليت نه ڏني وئي آهي. منهنجا پير به سُڄي پيا آهن. صحت تمام گهڻي خراب آهي.

پرويز الاهي استدعا ڪئي ته مون کي عدالت جيل جي بجاءِ سروسز اسپتال منتقل ڪري ڇو ته جيل ۾ ڪابه سهوليت ناهي ڏني وئي مڪمل غلط بياني ڪئي ويندي آهي.

عدالت پرويز الاهي کان پڇاڻو ڪيو ته ان کان سواءِ اوهان وٽ ٻيو آپشن آهي؟ جنهن تي پرويز الاهي چيو ته جهڙي طرح پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي ضمانت ڏني وئي اهڙي طرح مون کي به ضمانت ڏني وڃي. پرويز الاهي جي جواب تي عدالت ۾ ٽهڪڙا  لڳي ويا.

عدالت آءِ جي جيل ۽ ايڊيشنل  چيف سيڪريٽري کي اڱاري تي طلب ڪري ورتو.  سرڪاري وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته جيل ۾ عدالتي حڪم موجب سهولتون ڏنيون ويون آهن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان تصويرون ڏيکاري سگهو ٿا؟ ان تي سرڪاري وڪيل چيو ته جي ها تصويرون موجود آهن. ان تي پرويز الاهي چيو ته عدالتي حڪم تي سهولتون ڏئي تصويرون ٺاهيون وڃن ٿيون بعد ۾ سامان کنيو وڃي ٿو.

پرويز الاهي پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻو وڏو وزير آهيان جيل ۾ بي ڪلاس منهنجو قانوني حق آهي. عدالت اي سي ۽ گهر جي کاڌي سميت ٻيون سهولتون ڏيڻ جو حڪم ڏئي. جڏهن ته پنجاب حڪومت جي وڪيل پرويز الاهي جي درخواست جي مخالفت ڪئي. جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔