وزيراعظم جو پٽ سليمان شهباز۽ ٻيا مني لانڊرنگ ڪيس مان آزاد

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ سليمان شهاز ۽ ٻيا مني لانڊرنگ ڪيس مان آزاد ٿي ويا، وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ  سليمان شهباز سميت ٻين جوابدارن کي مني لانڊرنگ ڪيس مان بري ڪيو ويو

سلمان شهاز سميت ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ايف آءِ اي سينٽرل ڪورٽ لاهور ڪئي، عدالت 27 سوالن بابت  جواب طلب ڪيا هئا جيڪي  اڄ جمع ڪرايا ويا، عدالتي ڪمري ۾ سليمان شهباز ۽ ٻين جوابدارن سيمت جاچ آفيسر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر شاهد حسين به موجود هئا

جج جاچ آفيسر سان مڪالمون ڪندي چيو ته  مني لانڊرنگ جي تعريف ڇا آهي، پراسيڪيوٽر جنرل جو چوڻ هو ته ان ۾ ڪنهن جي به بدنيتي شامل  نه آهي

عدالت سليمان شهباز سميت  ٻين جوابدارن کي مني لانڊرنگ  ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔