حج جو رڪن اعظم وقوف ادا ڪرڻ لاءِ حاجي سڳورا ميدان عرفات پهچي ويا

جده: حج جو رڪن اعظم وقوف ادا ڪرڻ جي لاءِ اڍائي لک پاڪستانين سميت سڄي دنيا مان 25 لک کان وڌيڪ حاجي سڳورا ميدان عرفات  ۾ پهچي ويا آهن جتي هو مسجد نمره ۾ حج جو خصوصي خطبو ٻڌندا.

منيٰ ۾ 21 لک 92 هزار ميٽر تي ٻڌل دنيا جو سڀني کان وڏو خيمن جو شهر آباد آهي. مناسڪ حج دوران حاجي سڳورا منيٰ جي عارضي لڳايل خيما بستي ۾ 8 ذوالحج جو سڄو ڏينهن قيام ڪيو. پنج وقت نماز ادا ڪري حاجي سڳورا لبيڪ اللهم لبيڪ جون صدائون بلند ڪندي حج جي رڪن اعظم وقوف عرفه لاءِ 9 ذوالحج تي فجر جي نماز جي ادائيگي کان پوءِ عرفات جي ميدان ۾ جمع ٿي ويا.

حاجي سڳورا عرفات جي ميدان ۾ مسجد نمره مان حج جو خصوصي خطبو ٻڌندا ۽ ظهر، عصر جون نمازون ادا ڪندا. پنهنجي ۽ مسلمان امت جي بخشش لاءِ خصوصي دعائن جو اهتمام ڪيو ويندو ۽ سج لهندي ئي مزولفه واري هنڌ ويندا جتي مغرب ۽ عشاءَ جون نمازون گڏ ڪري قصر پڙهندا.

مزولفه ۾ حاجي سڳورا سڄي رات کليل آسمان هيٺ گذاريندا. هي اهوئي هنڌ آهي جتي شيطان کي هڻڻ لاءِ پٿريون جمع ڪيون وينديون. 10 ذوالحج تي صبح جو فجر جي نماز جي ادائيگي کان پوءِ حاجي سڳورا واپس منيٰ ويندا جتي هو رمي(شيطان کي پٿريون هڻڻ) لاءِ جمرات ويندا.

اهڙي سڄي عمل کان پوءِ راهه خدا ۾ قرباني ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ حاجي احرام کولي ڇڏيندا ۽ خانه ڪعبه وڃي طواف ڪندا.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔