ملڪ ۾ مهانگائي شرح وڌي 34.5سيڪڙو ٿي وئي

اسلام آباد: ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح وڌي 34.5 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، وفاقي اداري شماريات بيورو پاران 22 جون تي مڪمل ٿيل هفتي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، گذريل هفتي دوران عام واهپي ۽ استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اضافي ۽ گهٽتائي جي حوالي سان ڪالهه جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مجموعي طور تي 51 عام استعمال ۽ واهپي جي شين مان 20 شين جي قيمتن ۾ اضافو، 12 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 19 شين جون قيمتون برقرار رهيون، جاري ڪيل رپورٽ مطابق هفتي دوران ڪڻڪ جي اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي  جي قيمت ۾ 124 رپيا 52 پيسن جو اضافو ٿيو، پٽاٽن جي في ڪلو قيمتن ۾ 2 رپيا 20 پيسا، کنڊ جي في ڪلو قيمتن ۾ 3 رپيا 10 پيسا، دال ماش جي في ڪلو قيمتن ۾ 5 رپيا 20 پيسا، زندهه مرغي جي في ڪلو قيمتن ۾ 4 رپيا 52 پيسا، ننڍي گوشت جي في ڪلو قيمتن ۾ 15 رپيا 34 پيسا واڌ ٿي،  ائين لائيف بواءِ صابڻ، ٿوم، ڏهي، تازي کير ، باسمتي ٽوٽا چانورن، ڳڙ، پائوڊ واري کير، ڪپڙن ڌوئڻ واري صابڻ، پلين ڊبل روٽي ۽ ايري 6 چانورن جي قيمتن ۾ به معمولي اضافو ٿيو، گذريل هفتي دوران ڪيلن جي في درزن قيمتن ۾ 10 رپيا 58 پيسا، ايل پي جي جي ساڍا 11 ڪلو سيلينڊر جي قيمتن ۾ 115 رپيا، بصرن جي في ڪلو قيمتن ۾ 2 رپيا 49 پيسا، ٽماٽن جي في ڪلو قيمتن ۾ 91 پيسا، اڍائي ڪلو گيهه جي قيمتن ۾ 22 رپيا 96 پيسا، جڏهن ته هڪ ڪلو گيهه جي ٿيلهي جي قيمتن ۾ 3 رپيا 91 پيسا، سرنهن جي تيل جي قيمتن ۾ 2 رپيا 44 پيسا، دال مڱ جي في ڪلو قيمتن ۾ 97 پيسا، ائين دال چڻا، آنن ۽ دال مسور جي قيمتن ۾ به معمولي گهٽتائي ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔