بجيٽ: تعميراتي شعبي جي آمدني تي 10 سيڪڙو رعايت جو اعلان

اسلام آباد: ناڻي واري وزير اسحاق ڊار اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ ٽن سالن تائين ڪنسٽرڪشن اينٽرپرائز جي آمدني تي 10 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي.

قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته تعميراتي شعبي سان 40 کان وڌيڪ صنعتون جڙيل آهن، ايندڙ 3 سالن تائين ڪنسٽرڪشن اينٽرپرائز جي آمدني تي 10 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي.

هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 450 ارب رپيا رکيا پيا وڃن، يوٽيليٽي اسٽورن کي 35 ارب رپين جي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔