سنڌ هاءِ ڪورٽ استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ آن لائين سسٽم تي حاضري نه لڳائيندڙ استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. تعليمي اصلاحات بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته استاد ٽڪ ٽاڪ جا مزا وٺي رهيا آهن. ايپ هلائڻ نٿي اچي، سگنل نه پيا اچن، اهي سڀ بهانا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تعليمي اصلاحات بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي ان موقعي تي تعليم وارو سيڪريٽري، آءِ ٽي سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻيون اختياريون پيش ٿيون.

سنڌ هاءِ ڪورٽ بايو ميٽرڪ سسٽم تي حاضري نه لڳائيندڙن استادن خلاف اهم حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت سڳوري هدايت ڪئي آهي ته آن لائن سسٽم تي حاضري نه لڳائيندڙ استادن جون پگهارون فوري طور تي روڪيون وڃن.

عدالت استادن جي آن لائين ايپ تي حاضري کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. تعليم واري سيڪريٽري چيو ته اڪثر استادن وٽ اينڊرائيڊ موبائيل فون نه آهي ته ڪجهه ايپ جو بهانو بنائي رهيا آهن. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهي سڀ بهانا آهن جيڪي حاضري نه پيا لڳائين انهن سڀني جون پگهارون روڪيون وڃن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته استاد ٽڪ ٽاڪ جا مزا وٺي رهيا آهن پگهارون بند ٿينديون ته استاد ساڳئي فون سان به حاضريون لڳائيندا. تعليم واري سيڪريٽري بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪوششون جاري آهن هاڻ استادن جي حاضري 77 سيڪڙو ٿي وئي آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته سعودي عرب مان ڪو وائس ڪال ڪندو آهي ته ٻڌي وٺندا آهن؟ انهن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندا آهن. تڏهن سگنل ايندا آهن؟ باقي آن لائين سسٽم تي حاضري لاءِ انهن وٽ انٽرنيٽ نه آهي؟

عدالت سڳوري ايندڙ ٻڌڻي تي تعليم واري سيڪريٽري کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.  آءِ جي سيڪريٽري کي به استادن جي حاضري بابت سسٽم کي وڌيڪ اپڊيٽ ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔