جناح هائوس ۽ عسڪري ٽاور ۾ ڀڃ ڊاهه وارن واقعن جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي عمران خان کي اڄ شام 4 وڳي طلب ڪري ورتو آهي
پوليس ذريعن موجب ڊي آءِ جي ڪامران عادل جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم عمران خان کي اڄ طلب ڪيو آهي
عمران خان کان 9 مئي جي واقعن بابت پڇاڳاڇا ڪئي ويندي، ذريعن موجب عمران خان کي پڇاڳاڇا لاءِ ا انويسٽيگيشن هيڊڪوارٽر قلعه گجر سنگهه ۾ طلب ڪيو ويو آهي
پي ٽي آءِ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي