وزيراعظم شهباز شريف جو آءِ ايم ايف سربراهه سان رابطو: پروگرام مڪمل ڪرائڻ لاءِ مدد گهري ورتي

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ جي لاءِ عالمي مالياتي اداري جي ايم ڊي سان مدد گهري ورتي.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا سان رابطو ڪيو جنهن ۾ هن پروگرام جي لاءِ نائون جائزو مڪمل ڪرڻ ۾ مدد طلب ڪئي آهي.

ذريعن موجب حڪومت طرفان بجيٽ تجويزون به آءِ ايم ايف سان شيئر  ڪيون ويون آهن. وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي بجيٽ آءِ ايم ايف سان ملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ايڪسٽرنل فنانسنگ جي معاملي تي آءِ ايم ايف جا مطالبا برقرار آهن ۽ آءِ ايم ايف ايڪسچينج ريٽ ۾ انٽربينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ريٽ جو فرق ختم ڪرائڻ چاهي ٿو.

ياد رهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي بيروني فنانسنگ سميت سمورا مطالبا پورا ڪري ڇڏيا آهن پر پاڪستان ۽ عالمي مالياري اداري وچ ۾ 1.1 ارب ڊالر لاءِ اسٽاف ليول معاهدو طئي نه ٿي سگهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔