لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان کي سمورن ڪيسن دوران جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

لاهور:لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي سمورن ڪيسن ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن تي 121 ڪيس داخل ٿيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪئي. جنهن ۾ عمران خان بينچ جي آڏو پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل چيو ته اهي ڪيسز 71 ورهين جي شخص مٿان آهن جيڪو پاڪستان جو شهري آهي، روز ايتريون ضمانتون وٺڻيون پونديون آهن جيڪي ممڪن نه آهن. جسٽس علي باقر نجفي چيو ته جيڪڏهن اوهان ڪيس ختم ڪرڻ چاهيو ٿا ته نڪتن جي نشاندهي ڪرڻي پوندي

عمران خان جي وڪيل چيو ته عمران خان تي وزيرآباد ۾ حملو ٿيو، هر ڪيس  ۾ پوليس مدعي بڻجي ٿي. اها بدنيتي آهي، ائين پاڪستان ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو،  جتي عمران خان مدعي بڻجي ٿو اتي به پوليس مدعي بڻجي.

جسٽس عاليه نيلم جي وڪيل عمران خان کي هدايت ڪئي ته اوهان پهريان پنهنجي استدعا ٻڌايو،  عمران خان جي وڪيل چيو ته هڪ واقعي تي هڪ کان وڌيڪ ڪيس بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، سمورا ڪيسز بدنيتي تي ٻڌل آهن. 71 سالن جي عمر ۾ ڪرمنل رڪارڊ جي شروعات ناهي ٿيندي پر عمران خان سان ائين ٿيو آهي.

عدالت طرفان پڇاڻي تي عمران خان جي وڪيل ٻڌايو ته عمران خان هينئر تائين 25 ڪيسز ۾ ضمانت ورتي آهي هر ڪيس ۾ عمران خان کي فٽ قرار ڏنو ويندو آهي. ضمانت جي لاءِ عدالت وڃون ٿا ته عدالت جي اندر کان شيلنگ ٿي ويندي آهي، جڏهن کان نگران حڪومت آئي آهي اسان کي سيڪيورٽي نه پئي ملي. اسان رسڪ تي عدالت ۾ ايندا آهيون.

عدالت سوال ڪيو ته ڇا 5 رڪني بينچ جي ٻڌڻي کان پوءِ ڪا نئين ايف آءِ آر داخل ٿي؟ ان تي عمران خان جي وڪيل ٻڌايو ته ڪابه نئين ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي، سرڪار کان پڇيو وڃي ڪهڙي ايف اءِ آر اڃان تائين سامهون ناهي آندي وئي.

عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته حڪومت  تبديل ٿيڻ سان ڪيس ڇو ٿي رهيا آهن. هو ته اهو چئي رهيا آهن ته انهن کي چونڊن کان پري رکڻ جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته  هي عدالت کان اضافي رليف گهري رهيا آهن ڇو ته  عمران خان وزيراعظم رهيو آهي، پارٽي سربراهه آهي ۽ ورلڊ ڪپ به کٽيو آهي.

جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اها روايت ختم نه ٿيڻ گهرجي، موت جي سزا ملندڙن جا به حق هوندا آهن. سرڪاري وڪيل چيو ته جيڪڏهن عمران خان آرام سان اچڻ چاهي ته ڪجهه ناهي ٿيندو، پهريان هو رات جو ايندو هو ته هنگامو ٿيندو هو، عمران خان هڪ به ڪيس ۾ جاچ ۾ شامل ناهي ٿيو.

جسٽس عاليه نيلم عمران خان جي وڪيل کي چيو ته اوهان جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ضمانت وٺو ٿا، اسان اوهان کي وقت ڏيون ٿا سمورن ڪيسز ۾ جاچ ۾ شامل ٿي وڃو، اوهان پاڻ تائين پهچڻ نٿا ڏيو ان لاءِ هڪ نئين ايف آءِ آر داخل ٿي ويندي آهي. جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته جاچ آفيسر جي سامهون پيش ٿيڻ ضروري آهي.

عمران خان جي وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته جاچ وڊيو لنڪ ذريعي ڪري وٺو، اسان سڀني ڪيسز ۾ جاچ ۾ شامل ٿي وينداسين. ان موقعي تي عمران خان روسٽرم تي اچي ويو ۽ استدعا ڪئي ته مون کي 4 منٽ جو وقت ڏئي ڇڏيو.

عمران خان چيو ته  هنن کي چئو ته گاڏي ذريعي گيٽ ڀڄي اندر داخل نه ٿين، مون کي وزير آباد ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي مون کي اڳ ئي خبر هئي. اسلام آباد ۾ مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هاڻ مون کي قتل ڪرڻ جي ٽيون ڀيرو ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مون کي ڪابه سيڪيورٽي نه پئي ڏني وڃي. مان ڪيسز کان نه پيو ڀڄان، پر ايڪسپوزر گهٽ ٿيڻ گهرجي. جسٽس علي باقر نجفي عمران خان کي چيو ته اوهان کي عدالت  مان مطمئن ٿيڻ گهرجي.

لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان کي سمورن ڪيسن ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي ته جمعي جي ڏينهن 2 وڳي عمران خان  پوليس جاچ ۾ شامل ٿئي. پنجاب حڪومت جاچ مڪمل ڪري 8 مئي تائين مڪمل رپورٽ جمع ڪرائي.

عمران خان جي وڪيل چيو ته اسان جمعي تي جاچ ۾ شامل ٿي وينداسين. جنهن کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔