سکر: سوشل ميڊيا تي دوستي محبت ۾ بدلجي وئي. ڀارتي نوجوان مهندر ڪمار پنهنجن گهر ڀاتين سان گڏ ڪنوار وٺڻ لاءِ سکر پهچي ويو. ٻنهي جي شادي واري تقريب سکر جي مقامي ميريج هال ۾ ڌام ڌوم سان منعقد ڪئي وئي.
ڀارت سان تعلق رکندڙ گهوٽ ايڊووڪيٽ مهندر ڪمار ۽ پاڪستاني ڪنوار سنجو گتا ڪافي وقت تائين سوشل ميڊيا تي دوست رهيا. ٻنهي شادي جو فيصلو ڪيو ته مهندر ڪمار پنهنجي ڪنوار کي وٺڻ لاءِ گهر ڀاتين سميت پاڪستان پهچي ويو.
مهندر ڪمار ۽ سنجو گتا ڪماري جي شادي واري تقريب ڌام ڌوم سان سکر جي مقامي هال ۾ منعقد ٿي. شادي جي تقريب ۾ گهوٽ، ڪنوار جي مٽن مائٽن ۽ هندو برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سنجو گتا ڪماري پنهنجي مڙس سان گڏ ڪجهه ڏينهن ۾ ڀارت روانو ٿي ويندي.