پي ٽي آءِ چونڊن بابت 3 شرط حڪومت آڏو رکي ڇڏيا

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چونڊن بابت 3 شرط حڪومت آڏو رکي ڇڏيا، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وفدن وچ ۾ ڳالهين جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ شرط رکيو ته مئي ۾ قومي اسيمبلي ۽ رهيل 2 صوبائي اسيمبليون ٽوڙيون وڃن، 14 مئي کانسواءِ هڪ ئي وقت چونڊن لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي.
آئيني ترميم لاءِ پي ٽي آءِ جون استعيفائون واپس وٺڻيون پونديون، هلندڙ سال جولاءِ مهيني ۾ عام چونڊون ڪرايون وڃن، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ پاران اڄ 3 وڳي ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اتحاد ۾ شامل پارٽين جي مشاورت سان فيصلا ڪيا ويندا، سمورا معاملا آئيني حدن ۾ رهي حل ڪنداسين.
پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڳالهين جو پهريون دور 2 ڪلاڪ جاري رهيو، اسان حل ڪڍڻ جي جذبي سان ڳالهين ۾ ويٺا آهيون، سياسي پارٽيون ئي سياسي معاملن جو حل ڪڍنديون آهن، آئين کان مٿانهون ڪوبه حل ممڪن ناهي، ڳالهين کي دير جي حربي طور استعمال ڪرڻ نه ڏنو ويندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔