منڪي پاڪس بابت خطرناڪ افواهه: صحت واري وزير جي وضاحت

ڪراچي: صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو ڪو به ڪيس ظاهر نه ٿيو آهي، افواهه پکيڙي ماڻهن کي پريشان نه ڪيو وڃي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عذرا پيچوهو چيو ته اسلام آباد ۾ منڪي پاڪس جا 2 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وائرس جي سنڌ ۾ منتقلي روڪڻ لاءِ هوائي اڏن تي الرٽ جاري ڪيو اٿئون

هن چيو ته  لياري ۾ هڪ شڪي ڪيس سامهون آيو پر اهو چڪن پاڪس جو ڪيس لڳي ٿو، منڪي پاڪس لاءِ  ڪورونا وائرس واريون ايس او پيز لاڳو هونديون

منڪي پاڪس به ڪرونا وائرس جيان کنگهه ۽ ساهه ذريعي منتقل ٿئي ٿو، منڪي پاڪس وگهي موت جي شرح نه هئڻ جي برابر آهي، اسان وٽ هڪ هزار ڪٽس موجود آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔