سينيٽ چيئرمين ڳالهين واري ڪميٽي جي جوڙجڪ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن کان نالا گهري ورتا

اسلام آباد: سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سياسي ڳالهين جي شروعات ۽ خصوصي ڪميٽي جي جوڙجڪ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن کان نالا گهري ورتا.

سينيٽ چيئرمين قائد ايوان اسحاق ڊار ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهزاد وسيم کي خط لکندي چيو آهي ته ڪميٽي جي لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن بينچز سان 4-4 ماڻهن کي نامزد ڪيو وڃي. موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ سياسي پارٽين ۾ رابطي جي کوٽ آهي، حڪومت معاشي، سياسي بحران ۽ چونڊون منعقد ڪرڻ تي ڳالهين جي شروعات ۽ سهولتڪاري فراهم ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو.

صادق سنجراڻي موجب حڪومت طرفان ميمبرن سينيٽ تي ٻڌل ڪميٽي جي جوڙجڪ جي تجويز ڏني وئي آهي. پارليامينٽ ئي سياسي مسئلن جي حل لاءِ بهتر فورم آهي، مون اها اهم ذميواري سنڀالي آهي. قائد ايوان ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ڪنوينر شپ ۾ 10 ميمبرن تي ٻڌل پارلياماني پارٽي جوڙي پئي وڃي.

سينيٽ چيئرمين چيو آهي ته ٻن ڏينهن اندر اپوزيشن ۽ حڪومتي بينچز مان 4-4 ميمبرڪميٽي جي لاءِ نامزد ڪيا وڃن. چيئرمين آفيس ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ ڪميٽي جي سهولتڪاري لاءِ   هر وقت موجود رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔