تحريڪ انصاف پاران جيل ڀريو تحريڪ دوران اڄ گوجرانوالا مان گرفتاريون پيش ڪيون وينديون، پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف پاران جيل ڀريو تحريڪ دوران هيل تائين رڳو 121 ڄڻن گرفتاريون پيش ڪيون آهن
لاهور مان پي ٽي آءِ جي 80 ڪارڪنن گرفتاري ڏني، راولپنڊي ۾ 41 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گرفتاري پيش ڪئي، ملتان مان ڪا به گرفتاري نه ڏني وئي، تحريڪ انصاف پاران لاهور مان 200 ڪارڪنن جي گرفتاري ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي
پنجاب پوليس موجب شيخ رشيد سميت ڪيترن ئي اڳواڻن اعلان باوجود گرفتاري نه ڏني، شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته کيس تحريڪ انصاف جي قيادت پاران گرفتاري ڏيڻ کان روڪيو ويو