پ پ هٿياربند گروهن سان ڳالهين جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪراچي: پ پ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ فيصلائتن قدمن کي لازمي قرار ڏيندي ڳالهين جي مخالفت ڪري ڇڏي.

پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ سيڪريٽري جنرل فرحت الله چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ قدم لازمي آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو به دهشتگردي سان متاثر ٿي، ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ڪر کڻي رهي آهي.

هن چيو ته اجلاس ۾ گڏيل طور ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کي جڊيشل قتل لکيو وڃي ۽ ان ڪيس جو فيصلو جلد کان جلد ٻڌايو وڃي.

سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ دهشتگردي جي واقعن تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هٿياربندن سان ڪنهن به صورت ۾ ڳالهيون نه ڪيون وينديون ۽ نه ئي پ پ ڪڏهن ڳالهين جي حمايت ڪندي.

پ پ واضح ڪيو ته پارليامينٽ کان ٻاهر ڪنهن ڳالهه جي حامي ناهي، جڏهن ته پ پ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي تازن بيانن جي به مذمت ڪئي، جنهن ۾ هن ادارن خلاف ڳالهايو آهي.

فرحت الله بابر چيو ته پ پ چارٽر آف ڊيموڪريسي جي حمايت ڪئي هئي، سياسي ۽ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ اسٽيڪ هولڊرن ۽ سياسي جماعتن وچ ۾ ڳالهين جي حمايت ڪيون ٿا، آئين اندر رهندي ڪردار جا حامي آهيون، سياست ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔