ارشد شريف جي پاڪستان مان نڪري وڃڻ جي سببن جي جاچ ڪرائي وڃي: چيف جسٽس

ڪراچي: : چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته ارشد شريف جي پاڪستان مان نڪري وڃڻ جي سببن جي جاچ ڪرائي وڃي، ارشد شريف جو موت رڳو انساني حقن جو معاملو نه پر اهو وحشياڻو قتل به آهي

سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ارشد شريف قتل جي پاڻمرادي ورتل نوٽيس تي ٻڌڻي هلائي، ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي چيف جسٽس اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته ارشد شريف جي قتل جي جاچ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمرعطا بنديال ٻڌڻي دوران چيو ته ارشد شريف جي پاڪستان مان نڪري وڃڻ جي سببن جي جاچ ڪرائي وڃي، ارشد شريف جو موت رڳو انساني حقن جو معاملو نه پر اهو وحشياڻو قتل به آهي

 اٽارني جنرل چيو ته اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، اسپيشل جي آءِ 41 ماڻهن جا بيان قلمبند ڪيا آهن، جي آءِ ٽي کي جاچ لاءِ هاڻي ڪينيا وڃڻو آهي، ڪيس جي ٻڌڻي فيبروري جي پهرين هفتي تائين ملتوي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔