آرمي چيف جنرل عاصم منير طرفان سعودي عرب ۽ يو اِي اي جو سرڪاري دورو

ڪراچي:آرمي چيف جنرل عاصم منير طرفان سعودي عرب ۽ يو اِي اي جو سرڪاري دورو ڪيو پيو وڃي

سعودي ميڊيا موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير بچاءَ واري وزير شهزادا خالد بن سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي

 ملاقات دوران سعودي جي بچاءُ واري وزير عاصم منير کي آرمي چيف بڻجڻ تي واڌايون ڏنيون ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن طرفان هڪٻئي سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو

 آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف 4 کان 10 جنوري تائين سعودي عرب ۽ يو اي اي جي دوري تي هوندو، جتي هو ٻنهي ملڪن جي سينيئر قيادت سان ملاقاتون پڻ ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔