وفاقي ڪابينا پاران 20 دوائن جي اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا 20 دوائن جي اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

صحت واري وزارت جي ترجمان موجب اڪثر دوائن جي اگهن ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جن ۾ بلڊ پريشر، ڪينسر ۽ اکين جي بيماري ۾ استعمال ٿيندڙ دوائون شامل آهن.

ترجمان ٻڌايو ته ڪابينا 54 نين دوائن جا اگهه فڪس ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت دوائن جي اگهن ۾ 700 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي، جڏهن ته صحت واري وزارت ڊريپ ۾ ميرٽ ۽ شفافيت جي نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔