دعا منگي اغوا ڪيس: ماسٽر مائينڊ گرفتار: زوهيب قريشي جي چانڊڪا ۾ داخل هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي : ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا منگي ۽ بسمه سليم اغوا ڪيس جي ماسٽر مائينڊ سرينڊر ڪري ڇڏيو،  مک جوابدار زوهيب قريشي جي به علاج بهاني چانڊڪا اسپتال ۾ داخل هئڻ جو انڪشاف، عدالت جوابدار زوهيب قريشي کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا، ڪالهه دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دعا منگي ۽ بسمه سليم اغوا ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر سرينڊر ڪندڙ ماسٽر مائينڊ آغا منصور بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيروز آباد ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ گھربل آغا منصور عدالت ۾ پيش ٿي سرينڊر ڪيو آهي، عدالت جوابدار کي گرفتار ڪرائي جيل موڪلي ڇڏيو، آغا منصور  اڳ ۾ به اغوا ڪيسن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي،  ان موقعي تي پوليس حراست مان فرار ٿيل مک جوابدار زوهيب قريشي بابت  رپورٽ پيش ڪئي وئي، جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته  زوهيب کي ڪنڌڪوٽ مان مقابلي بعد گرفتار ڪيو ويو ھو، جيڪو  سکر سينٽرل جيل ۾ قيد آھي، هن وقت چانڊڪا اسپتال ۾ علاج ھيٺ آھي، عدالت جوابدار زوهيب قريشي کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪندي ٻڌڻي 4 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي وڪيلن کان دليل پڻ گهري ورتا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔