سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ٻيهر ملتوي ڪرڻ لاءِاليڪشن ڪميشن کي خط

ڪراچي: سنڌ جي 16 ضلعن ۾ 15 جنوري تي رٿيل مڪاني چونڊون  ملتوي ڪرائڻ  جا جتن، ان ڏس ۾ سنڌ جي مڪاني کاتي پاران 21 ڊسمبر 2022ع تي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ جي 17 آگسٽ 2022ع تي  پٽيشن سي پي 841 ڪي تي ڏنل حڪمن تحت عمل ڪيو وڃي، واضح  رهي ته عدالت حڪم ڏنو هو  ته پٽيشن داخل  ڪرائيندڙ متحده کي مڪاني چونڊن کان اڳ نئين تڪبنديون  ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل فورم (اليڪشن ڪميشن) سان رابطو ڪرڻ گهرجي، ٻئي طرف رابطي تي متحده جي رابطا ڪاميٽي جي ميمبر خواجا اظهار جو  چوڻ هو ته اسان تڪبندين واري مامري تي سپريم ڪورٽ ۾ ويا هئاسين، هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسان جي پٽيشن هلندڙ آهي، اسان جي عدليه  ۽ اليڪشن ڪميشن  کي گذارش آهي ته  مڪاني چونڊن کان اڳ تڪبنديون ڪرايون وڃن، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ سرڪار پاران اليڪشن ڪميشن کي  مڪاني چونڊن کان اڳ تڪبنديون ڪرائڻ بابت ليٽر  لکڻ  سٺو  فيصلو آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ پڻ مڪاني ادارن کي بااختيار ڪرڻ لاءِ آرٽيڪل 140 تي عمل ڪرائي صوبائي مالياتي ڪميشن جوڙڻ  ۽ مڪاني قانون ۾ ترميم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو،         واضح ر هي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو  برساتن  سميت  مختلف جواز ڄاڻائي 3 ڀيرا ملتوي ٿي چڪو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔