لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مڪي آرٿر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آڇ قبول ڪري ورتي.
ذريعن موجب مڪي آرٿر پي سي بي مئنيجمينٽ ڪاميٽي کي چيو آهي ته هو انگلش ڪائونٽي سان معاهدو ختم ٿيڻ بعد پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ موجود هوندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو موجوده هيڊڪوچ ثقلين مشتاق آهي جنهن جو ڪانٽريڪٽ فيبروري ۾ ختم ٿيندو.