روس کان سستو تيل خريد نه پيا ڪريون، بلاول درست ٿو چوي: مصدق ملڪ

پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ پنهنجي پراڻي بيان تان هٿ کڻي ويو

مصدق ملڪ چيو آهي ته روس کان هن وقت سستو تيل خريد نه پيا ڪريون، بلاول ڀٽو زرداري درست ٿو چوي

 ان کان اڳ مصدق ملڪ چيو هو ته روس کان سستو تيل خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون

آمريڪا ۾ موجود پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سندس بيان جي ترديد ڪندي چيو ته روس کان سستو تيل وٺڻ جي ڪا به ڪوشش نه پيا ڪريون

مصدق ملڪ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان جا روس سان سستي تيل جي خريداري جا معاملا طئي ٿي ويا آهن

هن چيو ته اميد آهي ته سستو تيل ملي ويندو، سستو تيل ملڻ سان پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽائڻ ۾ مدد ملندي

هن چيو ته روس کان سستو تيل خريد ڪرڻ بابت مونجهارا ختم ڪرڻ لاءِ سمورا تفصيل پرڏيهي وزارت کي فراهم ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔