مشهور ڀارتي اداڪارا پنهنجي جم ٽرينر سان شادي ڪري ڇڏي

ممبئي : ڀارتي ٽي وي انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ديوولينا ڀٽاچارجي پنهنجي جم ٽرينر شاهنواز شيخ سان شادي ڪري ڇڏي آهي

ديوولينا ڀٽاچارجي استار پلس جي ڊگھي عرصي کان هلندڙ مشهور ڊرامي ”ساٿ نڀانا ساٿيا“ ۾ گوپي مودي جو ڪردار ادا ڪندڙ ڄاتي سڃاتي ويندڙ اداڪارا آهي

انڊين ميڊيا رپورٽس موجب ديوولينا ڀٽاچارجي گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي جم ٽرينر شاهه نواز سان شادي جون تصويرون پوسٽ ڪري مداحن کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي. رپورٽس موجب شادي جي تقريب ممبئي جي ويجهو هل اسٽيشن لوناوالا  ۾ ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔