عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ جون ڌمڪيون ڏئي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ جون ڌمڪيون ڏئي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿو، ڪير به سندس بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو

 صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سعيد غني ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا، شرجيل ميمڻ چيو ته ڪمزور معيشت جو ذميوار عمران خان آهي، سندس دور ۾ ناڻي جا ڪيترائي وزير تبديل ٿيا

هن چيو ته عمران خان جي ويجهن ساٿين موجب پي ٽي آءِ چيئرمين چاهي ٿو ته پاڪستان کي نقصان پهچي

سعيد غني چيو ته عمران خان اقتدار ۾ اچڻ بعد اپوزيشن خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪرايو ويو، عمران خان جا لڳايل سمورا الزام ڪوڙا ثابت ٿيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔