امريڪا عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ جو الزام ٻيهر رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: امريڪا عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ جو الزام ٻيهر رد ڪري ڇڏيو آھي، امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس جو چوڻ آهي ته غلط ۽ ڪوڙن اطلاعن بابت درست معلومات ڏئي سگهون ٿا

نيڊ پرائس موجب پهريان به چئي چڪا آهيون ته الزامن  ڪابه صداقت نه آهي، غلط اطلاعن کي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ رڪاوٽ بڻجن نه ڏينداسين

امريڪي پرڏيھي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ امريڪا وچ ۾ ڀائيواري کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، خوشحال پاڪستان آمريڪا جي مفادن ۾ آهي ،دوحه ۾ طالبان سان ٻيهر گڏجاڻي ۾ کين آمريڪي خدشن بابت آگاهه ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔