ڇا گم ٿيل ماڻھن کي زمين کائي ويندي آھي جو بازياب ئي نه ٿا ٿين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي : سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾گم ٿيل شھري ساجد بلوچ جي بازيابيءَ بابت ڪيس جي ٻڌڻي، جنهن سلسلي ۾ وڪيل درخواست گذار چيو ته ساجد بلوچ کي مسقط مان گرفتار ڪري ڪراچي آندو ويو پر ائيرر پورٽ تان گم ٿي ويو

ان دوران جسٽس ڪي ڪي آغا گرفتار جوابدار کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏھن جوابدار ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث هجي ته 24 ڪلاڪن اندر پيش ڪرڻ ادارن جي ذميواري آھي

جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته روز روز هي درخواستون ٻڌي رھيا آھيون، ڇا گم ٿيل ماڻھن کي زمين کائي ويندي آھي جو بازياب ئي نه ٿا ٿين

وڪيل درخواست گذار چيو ته منھنجي موڪل جي گم ٿيڻ جو اطلاع سول ايوي ايشن کي به ڏنو ويو، پر ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگھيو

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز،  ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب گھري ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔