نيب کي 22 سالن دوران ٿيل هاءِ پروفائيل ڪيسز جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: نيب کي 22 سالن دوران ٿيل هاءِ پروفائيل ڪيسز جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، سپريم ڪورٽ عمران خان جي نيب قانون ۾ ترميم خلاف درخواست تي اداري کان 1999ع کان جون 2022 تائين پروفائيل ڪيسز جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آھي

سپريم ڪورٽ پاران مڪمل ٿيل ريفرنسز ۽ جاچ جا به تفصيل طلب پڻ ڪيا ويا آھن، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا آهن ته  ايف اي ٽي ايف اسان جي قانون ۾ خامين جي نشاندهي ڪئي، ڇا نيب ترميم ذريعي قانون ۾ ڄاڻي واڻي خاميون پيدا ڪيون ويون؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان ۾ مختلف مافياز موجود آهن، جيڪي پرشدد آهن، مان ڪنهن جو نالو نٿو کڻڻ چاهيان، نيب قانون ۾ تبديلي سبب جوابدارن کي فائدو ٿيو، پلي بارگين ۽ پنج ملين رپين جي حد مقرر ڪرڻ سان جوابدارن کي رليف مليو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔