ڪراچي: ڊالر ۾ لاٿ برقرار آھي، ا نٽر بينڪ ۾ 218 رپين تي پهتو: سون پڻ 1300 رپيا سستو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1300 رپيا لاٿ سان 143800 مان 142500 رپيا في تولو تي پهچي ويو
جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 18 ڊالرن جي گهٽتائي سان 1677 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو لاٿ سان 221 مان 220 ۽ انٽر بينڪ ۾ هڪ رپيو 95 پئسا لاٿ سان 217.97 ( 218 ) رپين تي پهتو هو
واضح رهي ته 22 سيپٽمبر تي ڊالر جو انٽربينڪ اگهه 239.71 رپيا هو، جنهن ۾ 18 ڏينهن ۾ پوڻا 22 رپين جي گهٽتائي ٿي، ٻئي طرف پائونڊ ۽ يورو 2 رپيا لاٿ سان 248 مان 246 ۽ 218 مان 216 رپيا ٿي ويا