ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهرا ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ ڪامران فضل جي رپورٽ رد ڪندي کائنس چارج واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
عدالت دعا زهرا ڪيس جو فيصلو جاري ڪندي وقتي آءِ جي ڪامران فضل طرفان پيش ڪيل اڳڀرائي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، عدالت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي آءِ جي نسڌ جي چارج ڪنهن اهل آفيسر کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو
عدالت چيو ته ايم آءِ ٽي سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم نئون مقرر ٿيندڙ آفيسر تائين پهچائي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پنهنجي راءِ ڏئي ته ڪامران افضل هن عهدي لاءِ اهل آهي يا نه؟
عدالت چيو ته اسان بهتر سمجهون ٿا، ان مامري کي في الحال انتظاميا تي ڇڏي رهيا آهيون، آءِ جي سنڌ غير حقيقي رپورٽ پيش ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي آهي