سنڌ ھاءِ ڪورٽ آغا سھيل پٺاڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل پٺاڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي

آغا سهيل پٺاڻ جي مقرري خلاف پرويز احمد بلوچ پاران درخواست داخل ڪرائي وئي هئي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پرويز بلوچ کي مئي 2021 ۾ سنڌ ڪابينا ٽن سالن لاءِ چيئرمين مقرر ڪيو هو، چيف سيڪريٽري مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي آغا سهيل کي نئون چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي، سنڌ حڪومت پهرين جنوري تي آغا سهيل پٺاڻ کي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو جنهن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي

عدالت درخواستگذار جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل پٺاڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔