مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ حڪومت جو رستو روڪڻ لاءِ سياسي حڪمت عملي تي غور

اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪومت جو رستو روڪڻ جي سياسي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو

سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خواجا آصف، مريم اورنگزيب، نثار چيما، طاهره اورنگزيب، شڪيلا لقمان، چوڌري حامد حميد، زهرا ودود فاطمه، رياض پيرزاده ۽ مائزه حميد سميت ٻين شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ مني بجيٽ، فنانس بل ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري بابت معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن دوران حڪومت جو رستو روڪڻ لاءِ سياسي حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو

مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ گڏيل اپوزيشن جو اجلاس به پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو جنهن ۾ مني بجيٽ ۽ ٻين معاملن تي مشاورت ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔