لاهور: ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهو هٿ کڻي حڪومت کي پِٽي رهيا آهن.
نيب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته حڪومت عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، دوائون ۽ ٻارن جي کير جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن، ماڻهو ويلي لاءِ پريشان آهن.
هن چيو ته ماڻهو اهڙي صورتحال ۾ آهن، جنهن کي ڏسي خوف اچي ٿو، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي قيامت جهڙي مهانگائي ناهي آئي، هن مهانگائي هر گهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.