ڀارت جو جنرل چيف آف اسٽاف بپن راوت، گهرواري ۽ 11 ڄڻن سميت هيليڪاپٽر حادثي ۾ مارجي ويو

نئين دهلي: ڀارتي ايئر فورس هيليڪاپٽر حادثي ۾ چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

جنرل بپن راوت سان گڏ سندس گهرواري ماڌوليڪا راوت ۽ 11 ٻيا فوتين ۾ شامل آهن ڀارتي ميڊيا موجب ھيليڪاپٽر ۾ سي ڊي ايس بپن راوت جو عملو ۽ خاندان جا ڪجهه ماڻھو سوار ھئا

حادثي کان فوري بعد ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ فوتين جا لاش ڪڍي اسپتال پهچايا ويا، جنرل بپن راوت بابت شروعاتي اطلاع اهي هئا ته هو شديد زخمي ٿيو آهي ۽ هن جو 80 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي پر بعد ۾ هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ڀارتي سرڪار پاران هيليڪاپٽر حادثي جي جاچ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔