گيس جي قيمتن ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو واڌ جي درخواست

ڪراچي: سوئي ناردرن گئس ڪمپني اوگرا کي گيس جي قيمتن ۾ 150 سيڪڙو واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي آھي، لاهور ۾ اوگرا چيئرمين مسرور خان گئس اگهن ۾ واڌ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي

ان موقعي تي ايم ڊي سوئي ناردرن علي جي همداني موقف اختيار ڪيو ته هن سال 269 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ جو مطالبو ڪيو آهي، گئس جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو ڪا نئين ڳالهه ناهي، گيس نه ملڻ جون افواهون هلي رهيون آهن جيڪي سچ نه آهن، آر ايل اين جي هن ۾ شامل ڪري ضرورت پوري ڪندا آهيون

چيئرمين اوگرا چيو ته جيڪو به فيصلو ڪيو ويندو اهو صارفين جي مفاد کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو، في الحال ڪمپنين جي پٽيشن کي سپورٽ ڪنداسين، ڇو ته گيس درآمد ڪري قيمت گهٽائڻ مشڪل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔